سيد روشن علي شاهه

سيد روشن علي شاهه: سيد روشن علي شاهه ’روشن‘، مخدوم جهانيان جي خاندان مان ٿي گذريو آهي. هيءُ قادر الڪلام شاعر ۽ جيد عالم هو. 1670ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو سيد فتح علي شاهه ۽ والد قطب علي شاهه ’قطب‘ پنهنجي وقت جا فارسي، سنڌي ۽ سرائڪي زبان جا ناميارا شاعر هئا. هن سنڌي، هندي ۽ فارسي ٻوليون پڙهيون. هن بيت، ڪافيون، غزل ۽ رباعيون ڪافي تعداد ۾ چيون. سندس ڪلام جو مجموعو ’گلشن روشن‘ ادب جو قيمتي اثاثو آهي. سيد روشن علي شاهه 23 رمضان المبارڪ سن 1250هه ۾ وفات ڪئي.


لفظ سيد روشن علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو